چڀڙ/ متيرو

چڀڙ/ متيرو

چڀڙ/ متيرو

چڀڙ/ متيرو (Pubescent Cucumber): چڀڙ، ڏُٿ جو هڪ قسم آهي، جنهن کي سنڌ ۾ متيرو به چوندا آهن. چڀڙ پوک واري زمين ۾ ازخود ولين جي صورت ۾ ٿيندو آهي. سنڌ ۾ چڀڙ/ متيرو ٿر جي علائقي ۾ تمام گهڻو ٿئي ٿو. چڀڙ اڪثر ٻنين ۾ پاڻمرادو ٿين ٿا، پر سانوڻ ۾ پوکبا به آهن، جيڪي سياري ۾ کائبا آهن. چڀڙ ول واري ڀاڄي آهي. چڀڙ شڪل ۾ گول، ڊگهو ۽ چٽڪمرو ٿئي ٿو. ذائقي ۾ ڪڙو توڙي مٺو ٿئي ٿو. مٺا چڀڙ عام ماڻهو ڪچا به کائيندا آهن. چڀڙ اڪثر ڀاڄيءَ وانگر ٻوڙ ۾ وجهبا آهن. ان کان سواءِ اڌ ڪري، سُڪائي، ڪچريون ٺاهي به رکبا آهن. چڀڙ جي سڄي ول گهوٽي، سُور يا سوڄ تي ٻڌڻ سان فائدو ڏئي ٿي. چڀڙ عام ڪري ٿر ۾ اونهاري جي چوماسن برساتن کان پوءِ پاڻمرادو ٿين ٿا. چڀڙن لاءِ گرم آبهوا ۽ برسات پوڻ ضروري آهي، سنڌ ۾ ٿر ۽ ڪاڇي اندر، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ برساتون پون ٿيون، جتي چڀڙ گهڻي قدر ٿين ٿا، چڀڙ يا متيري جي پوک لاءِ نرم، هلڪي ۽ ڀوري زمين گهرجي، جنهن ۾ پاڻيءَ جو بهتر نيڪال هجي. چڀڙ جي فصل لاءِ وارياسي لٽاسي يا چيڪي لٽاسي زمين گهرجي. پوکيل ڇڀڙن جي چونڊ ڏيڍ کان ٻن مهينن بعد ڪئي وڃي ٿي. چڀڙ فصل طور هندستان ۾ اٽڪل ٽن هزارن سالن کان پوکيا وڃن ٿا. چڀڙ پاڪستان ۾ ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان کان سواءِ ڏکڻ افغانستان ۾ به ٿين ٿا.


لفظ چڀڙ/ متيروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو